اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي ۾ ماحول دوست ۽ پائيدار تعميراتي طريقن کي اختيار ڪرڻ سميت توانائي ۽ محدود قدرتي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عمارتن ۽ گهرن جي تعمير جو بنيادي مقصد معاشري جي سمورن طبقن بشمول غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن کي باوقار ۽ سستي زندگي فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف آرڪيٽيڪٽس پا??ستان (آءِ اي پي) ايڪسپو 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ اي پي چيئرمين سعد محمود خان، آءِ اي پي راولپنڊي/ اسلام آباد چيپٽر جي چيئرمين فواد سهيل ملڪ، آرڪيٽيڪٽس، گريجوئيٽس ۽ هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن انڊسٽري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ صدر تعميراتي مواد جي نمائش 2023ع جو افتتاح ڪيو. صدر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته فن تعمير جو نظم ۽ ضبط اهم آهي ڇو ته اهو تعميراتي صنعت کي بنياد فراهم ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي معيار?? ۽ ??مالياتي لحاظ کان خوشگوار رهائش فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته عمارتن کي ان بلٽ مڪينزم سان ڊيزائن ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي معذور ماڻهن جي لاءِ دوستاڻو بڻائي سگهج?? ۽ ??ن سان گڏوگڏ ڇتين کي ڀاڄين جي پوکيءَ ۽ هريالي جي خاطر استعمال جوڳو بڻايو وڃي، ان کانسواءِ گرين انرجي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سولر پينلز پڻ لڳايا وڃن. صدر چيو ته سرڪاري شعبي پاران تعميرات?? ۽ ??رقياتي سرگرميون معاشي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون جنهن سان صنعت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن مغل حڪمرانن ۽ شير شاهه سوري جا مثال پيش ڪيا جن رستن، عمارتن، يادگارن ۽ ٻين عوامي جاين جي تعمير ۾ عوام جو پئسو لڳايو جنهن ننڍي کنڊ جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته پلاٽن ۽ عمارتن جي خريداري ۾ وڏي پئماني تي سرمايو لڳائڻ جي رجحان ڪاروبار، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ بدران ان جي گردش کي روڪيو ۽ ملڪ ۾ معاشي ۽ مالياتي سرگرمين کي سست ڪيو. هن چيو ته عمارتن ۽ گهرن جي تعمير جو بنيادي مقصد معاشري جي سمورن طبقن بشمول غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن کي باوقار ۽ سستي زندگي فراهم ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پلاٽن ۽ عمارتن جي خريدار?? ۽ ??عميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪاري ڌن جي استعمال جي ڇنڊڇاڻ ۽ ان جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ ڪاري ڌن جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ نظام کي به مضبوط ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي حيرانگي جو اظهار ڪيو ته اٽڪل 13 ارب ڊالر جي پا??ستاني دولت کي بلاڪ ڪري سائبر ڪرنسي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي جنهن سان معيشت انتهائي ضروري ليڪويڊيٽي کان محروم ٿي رهي آهي. هن چيو ته پا??ستان ۾ ڪاري ڌن کي معيشت ۾ آڻڻ جي لاءِ بار بار ايمنسٽي اسڪيمن جو اعلان ڪيو ويندو رهيو آهي پر اهڙين اسڪيمن بدران دولتمندن تي ٽيڪس هڻڻ ۽ پوري غيررسمي معيشت کي رسمي معيشت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ??وث?? نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مال?? ۽ ??قتصادي مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهجي. صدر چيو ته پا??ي هڪ قيمتي شيءَ آهي، پا??ستان کي موسم?? نظام جي ذريعي وڏي مقدار ۾ پا??ي ملي ٿو جنهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي ??وث?? استعمال جي ضرورت آهي. هن تجويز ڏني ته سمورين عمارتن کي برسات جي پا??ي کي استعمال ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪرڻ گهرجي ته جيئن پا??ي ذخيرن کي ري چارج ڪري سگهجي. هن چيو ته پا??ي جي محدود مقدار کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ جي اجازت ڏني وڃي جڏهن ته باقي پا??ي کي ??وث?? طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي. هن سمنڊ ۾ زهريلي ڪيميڪلز، آلودگي ۽ ڪچري جي اخراج کي روڪڻ جي لاءِ هر صنعت ۾ پا??ي صاف ڪرڻ ۽ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته ان سان آبي نباتات ۽ آبي مخلوق تي منفي اثر ??ئج?? رهيا آهن. صدر چيو ته پا??ستان ۾ سرڪاري زمين تي اڳ ۾ قبضا، ان تي غيرقانوني تعميرات ۽ بعد ۾ مختلف طريقن سان ريگيولرائيز ڪرڻ جو رجحان آهي. هن چيو ته ان غيرقانوني تعميرات جي روڪٿام لاءِ ان رجحان کي روڪڻ ۽ ان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. آرڪيٽيڪٽ سعد محمود خان ان موقعي تي چيو ته آءِ اي پي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪرڻ ۾ ڪافي سرگرم رهي آهي جنهن ۾ ڪانفرنسز، سمپوزيم، ورڪشاپس ۽ ليڪچرز کانسواءِ عالمي آرڪيٽيڪچرل نمائشون منعقد ڪرڻ پڻ شامل آهي ته جيئن حڪومتن ۽ عوام کي ماحوليات، آرڪيٽيڪچرل ايجوڪيشن، پائيدار عمارت جي طريقي، بلڊنگ بائي لاز ۽ سٽي پلاننگ جي مسئلن تي آگاهه ڪري سگهجي.
متعلقہ مضامین
- 
                                
                                
Health insurance scheme to be launched for KPT employees
 - 
                                
                                
Bomb scare at San Francisco airport sparks evacuation
 - 
                                
                                
No travel ban for Pakistanis, says U.S. official
 - 
                                
                                
Pakistan seeks fresh bids for PIA stake sale by June 3
 - 
                                
                                
کارنیول پارٹی کی آفیشل تفریحی ویب سائٹ
 - 
                                
                                
Dog House Official Entertainment Website Ka Taaruf
 - 
                                
                                
Dragon Tiger Official Entertainment Link Ka Mukammal Jaiza
 - 
                                
                                
سپر اسٹرائیک آفیشل تفریحی پلیٹ فارم
 - 
                                
                                
PM arrives in Muzaffarabad today
 - 
                                
                                
Police kill suspect in Peshawar shootout
 - 
                                
                                
Ceremony held to pay respects to Major Shabbir Sharif (NH)
 - 
                                
                                
ڈریگن ہیچنگ 2 آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی مکمل تفصیلات