اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قيمتي پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل ۽ ان جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، قيمتي پٿرن جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي ر??ان??ي واپار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي. هو ملڪ ۾ موجود مختلف جواهر جي قدرتي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو ه??. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود قيمتي پٿرن (زمرد، لعل، ياقوت، نيلم) جي تصديق ٿيل ذخيرن، شعبي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، جواهر جي حوالي سان پرڏيهي سيڙپڪاري، ر??ان??ي واپار ۽ ان ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. قيمتي جواهر جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ ان حوالي سان ملڪي ر??ان??ي واپار ۾ اض??في جي ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ لاڳاپيل ايشوز تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. جواهر جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو ان سيڪٽر ۾ نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪ جي ر??ان??ي واپار ۾ اض??في ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي.
متعلقہ مضامین
-
حکمت کے عجائبات آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
لکی کیٹ ہونسٹ انٹرٹینمنٹ اینٹرنس
-
At least four killed, one injured in Lakki Marwat blast
-
Allama Iqbals 78th death anniversary observes today
-
ECP issues schedule for LG by-election in KP
-
NAP, Zarb-e-Azb to continue against militants: PM vows
-
Government tightens noose on terrorism financing networks
-
Pakistan felicitates newly elected UN chief
-
UK-based PML-N leader scams millions from innocent people
-
Five Indian soldiers trapped under snow near LoC
-
Punjab to recruit 616 jail wardens
-
Jiaduobao Electronic Game Platform Official Download Guide