اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي ۽ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگ واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن دنيا ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان?? دهشتگردي، ام?? جي قيام ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان ۽ مصر تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍ??ل آه?? جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن زور ڀريو ته مسلم ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ وحدت کي هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ ام?? جي قيام لاءِ مذهبن ۽ تهذيبن وچ ۾ ڳالهي?? جي سخت ض??ور?? آهي. پاڪستان ۽ مصر کي بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ڳالهين ذريعي دنيا ۾ مذهبي هم آهنگي، امن ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر سان اقتصادي، واپاري، ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مصر جي مفتي اعظم چيو ته مسلمان امت کي دهشتگردي جا خطرا درپيش آهن جنه?? جي ازالي لاءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ جي ض??ور?? آهي، مصري مفتي اعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي عا??من کي مصر موڪلي ته جيئن اهي دنيا جي قديم ترين درس گاهه جامعه الازهر جي تجربن ۽ تعليم مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته موجوده دور جي علم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامعه الازهر جو پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جامعه الازهر جي پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، ملاقات ۾ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
UN chief ‘profoundly saddened’ by deadly floods in Pakistan
-
COAS vows to restore flood-hit Gurdwara Darbar Sahib Kartarpur
-
Tragic IED blast in Mastung claims lives of three Balochistan constabulary personnel
-
Wisdom Wonders سرکاری تفریحی لنک
-
Ten Times Victory Official Entertainment App - تفریح کی دنیا میں انقلاب
-
Speed Winner Entertainment آفیشل ویب سائٹ
-
Senates panel unhappy over absence of media owners
-
Govt invites applications for annual India pilgrimage
-
Fasting to be longest in Denmark, Sweden; shortest in Argentina, Australia
-
SAARC conference begins today without India, Bangladesh
-
Deputy Mayor takes charge, vows to bring foreign investments
-
Tuberculosis claims 1.7m lives every year