اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته ترقي يافته جمهوريتن ۾ اتفاق راءِ س??ن حل ڳوليو وڃي ٿو، جمهوري قوتون جڏهن پاڻ ۾ وڙهن ٿيون ته غيرجمهوري قوتن جو ڪردار وڌي وڃي ٿو، هن وقت بحران واري صورتحال آهي، اهڙي صورت ۾ عدالتي سڌاراجاتي قانون آڻڻ مناسب وقت نه آهي، ملڪي سياست ۾ پولرائيزيشن ۽ ويڙهه کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيس، نئين آرمي چيف سان عمران خان جي ملاقات جي ڳالهه نه ڪئي، فوج جيڪڏهن سياست کان پري ٿيڻ چاهي ٿي ته سياستدان ان مان فائدو کڻن، ملڪ ۽ آئين کي بچائڻ تمام ضروري آهي، ??نه?? جي وڊيو يا آڊيو ليڪ ڪرڻ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي، اعزاز ڏيڻ وفاق يا صوبن جو نه صدر جو اختيار آهي جنهن جي ڪافي عرصي کان خلاف ورزي ٿي رهي اهي، عمران خان دور ۾ به ان معاملي جي نشاندهي ڪئي هئي. هو نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏئي رهيو هو. صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته هن وقت بحران واري صورتحال آهي، اهڙي صورت ۾ عدالتي سڌاراجاتي قانون آڻڻ مناسب وقت نه آهي، هن بل جي ٽائمنگ بهتر ڪري سگهجي پئي، هن بل جي ڊرافٽ کي پڙهيو آهي، ايوان مان ٿي اچڻ کانپوءِ مون وٽ ايندو ته ان وقت ڏسندس ته ان تي ڪهڙو فيصلو ڪيو وڃي، منهنجي ڪوشش هوندي ته منهنجو ڪردار بحران حل ڪرڻ وارو هجي. هن چيو ته جڏهن انسان تي دٻاءُ پوي ٿو ته هو پريشان ٿي وڃي ٿو، پي ٽي آءِ جي ليڊر به دٻاءُ جي وقت ڪجهه لفظ ادا ڪيا هئا اهي لفظ ادا نه ڪرڻ گهرجن ها. اهڙي طرح جڏهن ادارن تي دٻاءُ پوي ٿو ان ۾ ڪريڪس نظر اچڻ لڳن ٿا، ان جي ڪري اسان سمجهون ٿا ته انسان تي اهڙي طرح جو دٻاءُ نه وڌو وڃي، اها ڪيفيت جهڙي انسانن تي آهي ائين ئي ادارن تي آهي. هن چيو ته آئين ٺهڻ جي چار سالن کانپوءِ ويڙهيو ويو، ٻيهر بحال ٿيو ۽ ٻيهر مختلف وقتن ۾ آئين معطل رهيو. هن چيو ته اهو سپريم ڪورٽ فيصلو ڪندي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊن جي تاريخ کي تبديل ڪري سگهي ٿي، باقي ادارن ۾ به پاڻ ۾ ورڇ نه ٿيڻ گهرجي، ميڊيا رپورٽس موجب ??نه?? اداري سيڪيورٽي کان معذرت ڪئي ته ??نه?? چيو ته پئسا نه ٿا ڏئي سگهون ته ??نه?? چيو ته آر اوز نه ٿا ڏئي سگهون. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ اسيمبليون تحليل ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن جو مدو لکيل آهي، ذوالفقار علي ڀٽو پڻ اليڪشن جو اعلان ڪيو هو. صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته ججز تي به مشڪل وقت آهي، پاڻ ۾ حصيداري پيدا ڪن، پنهنجا معاملا ٻاهر اچن ته فيصلن تي ڳالهين ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون سامهون آيون، مون وزيراعظم کي انساني حقن جي حوالي سان جيڪو خط لکيو ان کي غلط ڏس ۾ ورتو ويو، مون ان خط ۾ 22 – 2021ع ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي ڳالهه ڪئي جڏهن ته اهو پي ٽي آءِ جو دور هو، مون چيو ته انهن شين ۾ بهتري اچڻ گهرجي، مون کي وزيراعظم جي جواب تي افسوس ٿيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙي طرح جو واقعو ٿيو ته آئون سڌوسنئون انساني حقن واري وزير سان ڳالهه ڪري ڇڏيندو هئس، ??ن دور ۾ به ڪيتريون ئي وضاحتون گهريون ويون، هاڻي ان ليول تي ڪا ڳالهه ئي نه ٿي ٿئي. صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون ڪو تمغو نه ٿيون ڏئي سگهن، رڳو صدر تمغو ڏئي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ جي دور ۾ به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي، اهو معاملو ايڊوائس بابت آهي، عمران خان حڪومت ۾ به ڪيترن ئي ايوارڊز جي خلاف هئس. هن چيو ته عدليه ۾ ورڇ اڳ کان آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي فيصلي کانپوءِ ڏسي وٺو، صفدر شاهه کي ملڪ ڇڏڻو پيو، عدالتن ۾ 100 سيڪڙو اتفاق راءِ ناهي هوندو، فيصلي ۾ ورڇ ٿي سگهي ٿي پر ذات جي بنياد تي ورڇ ٿيڻ نه گهرجي ۽ اناءَ به نه هجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ذاتي ڳالهه ٻولهه ??نه?? ٻئي جي لاءِ نه آهي، ان معاملي تي ڪيترائي ڀيرا پارليامينٽ جي اندر خطاب ۾ به روشني وڌي، ??نه?? جي وڊيو يا آڊيو ليڪ ڪرڻ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي، ڪال ٽيپ ڪندڙ ادارن کي احتياط ڪرڻ گهرجي، رڳو دهشتگردن جي ڪال ٽيپ ٿيڻ گهرجي. صدر ??اڪ??ر عارف علوي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي خواهش اڳ ۾ به اها ئي هئي ته پولرائيزيشن جيڪا خطرناڪ آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي، جهيڙا گهٽ ٿي وڃن پر منهنجي ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي. هن چيو ته نئين آرمي چيف جي عمران خان سان ملاقات جي ڪا ڪوشش نه ڪئي، ان سان ملاقات دوران معاملن کي بهتر ڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي. هن چيو ته فوج جيڪڏهن سياست کان پري ٿيڻ چاهي ٿي ته سياستدان ان مان فائدو کڻن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شملا معاهدي، 1973ع جي آئين ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو اهم ڪردار رهيو، آئين جي طاقت عوام آهي. هن چيو ته ??نه?? جي نااهلي مسئلي جو حل نه آهي، ??نه?? پارٽي تي پابندي نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته بينظير ڀٽو کانپوءِ ملڪ کي استحڪام طرف وٺي ??ڃڻ جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، ان وقت هن پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو.
متعلقہ مضامین
-
SCP to remain open today
-
Redressal of public complaints picks pace under ombudsman
-
Pakistan reports two more Monkeypox cases
-
Sindh home department issues high alert after Indian strikes
-
Mad Money Coaster سرکاری تفریحی لنک سے دولت کا سفر شروع کریں
-
گوبلن فورچن تفریحی لنکس قابل اعتماد تفریحی لنکس
-
Mauritius president to visit Pakistan on Sunday
-
Iran hands over 49 deportees to Pakistan
-
UNFPA asks communities to stand up for girls rights
-
Pakistan owes debt of gratitude to Allama Iqbal, says Nawaz Sharif
-
LSE students win LUMS Dramafest 16
-
PS الیکٹرانکس کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ: تفریح کا نیا مرکز