اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا معاشي چئلينج درپيش آهن، معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ دليراڻن فيصلن کان پاسو نه ڪنداسين، ڏينهن رات محنت سان قوم کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، انشاءَ الله سٺو وقت به ا??ند??. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قوم بدقسمتي سان اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين، بي انتها ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪم عقلي جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي. هي اسان جي لاءِ تمام وڏو معاشي چئلينج آهي جيڪو اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي پيٽروليم جون قيمتون جيڪي پوري دنيا ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، گهٽ ڪري ايندڙ حڪومت جي لاءِ ڄار وڇايو. اهو بدنيتي تي ٻڌل قدم هو. جيڪڏهن اڳوڻن حڪمرانن کي عوام جو ايترو ئي درد هجي ها ته 3 سالن ۾ ڪو سٺو مثال قائم ڪن ها ۽ عوام جي حقيقي ڀلائي جي لاءِ ڪجهه ڪن ها. عالمي سطح تي ڳنڀير صورتحال درپيش آهي ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌي رهيون آهن، اسان کي به مجبوري ۾ قيمتون وڌائڻيون پيون پر ان سان گڏ اسان 7 ڪروڙ غريب ماڻهن جي لاءِ ريليف جو به اعلان ڪيو ۽ بي آءِ ايس پي جي ذريعي 2000 رپيا ماهوار ملڪ جي ڪروڙين غريب ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اهو فيصلو بجيٽ ۾ عريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو. سرندي وارن طبقن تي ٽ??ڪس هنيو ويو ته جيئن عام ماڻهو کي اهو احساس ٿئي ته انهن جي حڪومت انهن جو بار ونڊڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته ملڪ جو امير طبقو وڌيڪ ٽ??ڪس ڏئي حڪومت جو ساٿ ڏ??ند??. اهڙي طرح حڪومت وڌيڪ ٽ??ڪس گڏ ڪري غريبن تي خرچ ڪري سگهندي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي نڀائينداسين. اسان دليراڻا فيصلا ڪيا آهن وڌيڪ به ڪرڻا پوندا ته ڪنداسين ۽ معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ ڪو به ضروري قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائينداسين. وزيراعظم چيو ته مشڪل فيصلن کانپوءِ سٺو وقت به ا??ند??. مشڪل فيصلا اسان جي مجبوري آهي. اسان محنت سان ڪم ڪنداسين ۽ نتيجا الله جي هٿ ۾ آهن. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو پاڻ ئي ان جون ڌڄيون اڏايون. معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ جي ڪري اڄ معاشي مشڪلاتون درپيش آهن. اسان ڏينهن رات محنت جي ذريعي قوم کي ان مشڪل وقت مان ڪڍنداسين.
متعلقہ مضامین
-
Shehbaz Sharif announces Army Rocket force as defence milestone
-
Sania dissatisfied over inadequate facilities at special education centres
-
Punjab CM urges children to plant trees in name of their parents
-
PM suspends leaders of key agricultural bodies amid cotton crisis
-
Poultry mafia unchecked as chicken prices soar beyond official rates
-
Zardari stresses efficient use of water to meet Sindh’s needs
-
27 killed as explosion rocks Turkish capital
-
Pakistan expresses commitment to humanitarian causes at Istanbul summit
-
Balochistan University will have Confucius Institute soon
-
V83D کارڈ گیم کی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ: مکمل گائیڈ اور تفصیلات
-
شعلہ ماسک آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ کی مکمل رہنمائی
-
ڈائس ہائی اور لو آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: ایک بے مثال تفریحی تجربہ